راج راڄپر

راج راڄپر

راج راڄپر

راج راڄپر: سنڌي ٻوليءَ جي مشهور شاعر ۽ مترجم راج راڄپر جو اصل نالو عبدالقادر راڄپر آهي. هن پهرين جنوري 1972ع تي، ڳوٺ ڳجهڙي، تعلقي فيض گنج، ضلعي خيرپور ۾ جنم ورتو. هن بي. اي ايگريڪلچر (B.E) زرعي يونيورسٽي، ٽنڊي ڄام مان، ايل.ايل بي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور مان، ايم. اي انگلش شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور مان ۽ ايم. اي پوليٽيڪل سائنس، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان پاس ڪئي. راج 2007ع ۾ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري انگريزيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿيو، شروع ۾ گورنمينٽ ڊاگري ڪاليج مڪليءَ ۾ ذميواريون نڀايائين، 2008ع کان گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪرونڊي، ضلعي خيرپور ۾ اسٽنٽ پروفيسر طور ذميواريون نڀائي رهيو آهي. راج، بهترين شاعر سان گڏ سٺو مترجم به آهي. سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو ”حياتي جل اجل ناھي“ جي نالي سان ڇپيو، ان کان علاوه هن شھيد راڻي بينظير ڀٽو جي انگريزي شعري مجموعي ”مارئي آف ملير اينڊ شاھ لطيف“ جو سنڌي ۽ اردوءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو، جنهن کي بيپناهه مقبوليت ملي آهي. اهڙيءَ طرح سندس ڪيترائي مضمون/مقالا پڻ ڇپجي چُڪا آهن.


لفظ راج راڄپرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1972.01.01  عيسوي

سنڌي ٻوليءَ جي مشهور شاعر ۽ مترجم راج راڄپر جو اصل نالو عبدالقادر راڄپر آهي. هن پهرين جنوري 1972ع تي، ڳوٺ ڳجهڙي، تعلقي فيض گنج، ضلعي خيرپور ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تنها سيف بخاري
عبدالحميد شهيد
دادو ديال
اقبال علامه ڊاڪٽر
لطف سيال
ڇتن شاهه سيد
تلسيداس
اظھر علي ٻانڀڻ
پريم پتافي
عـزيـزالله مجروح
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون